اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پريس بريف??گ ۾ چيو ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغا?? پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي ??سا?? جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.