اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ??وا?? کي درپي?? چئيلنجن کي منهن ڏيڻ ۽ جمهوريت، قومي ادارن ۽ معيشت جي مضبوطي جي لاءِ قومي اتحاد ۽ هم آهنگي ضر??ري آهي. ٽي وي چينل سان ڳالها??ين??ي هن چيو ته حڪومت تي تنقيد مخالف ڌر جو حق آهي تنهن هوندي به مخالف ڌر کي ترقياتي عمل ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي، اسان کي هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ نه گهرجي پر پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ درپي?? چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهيون، ڪاميابي اسان جو مقدر ۽ منزل ويجهو آهي جيڪڏهن اسان ان ئي جذبي تحت پنهنجو سفر جاري رکون ته ڪجهه عنصر اسان جي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿا وجهي سگهن.