ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته آم??يڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند ??هيون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو آم??يڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خوشگوار رهيو،اسان جا ۽ آم??يڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آهن جنهن ۾ افغانستان جي صورتح??ل،??هشت گردي جو خاتمو ۽ واپار وڌائڻ سرفهرست آهن. هن چيو ته نئين آم??يڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند ??هيون. هن چيو ته هندستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.