اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جي ويز?? جي روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعب?? جي حق?? جي ضامن?? جذبن، احساسن ۽ ضرورت?? جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سان گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرض?? جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته مل??دي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿي??دي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.