اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفا??ي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ ??وا??ر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪ??ري ملازمن جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سرڪ??ري ملازمن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن و??ري وفاقي ??زي?? پير نورالحق قادري، هوابازي و??ري وفاقي ??زي?? غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.