اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??ي ص??ت بابت خاص مددگ??ر ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پمز آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي آئسوليشن سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ آئسوليشن سينٽر جا انتظام اطمينان بخش آهن، هن چيو ته آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 مان وڌائي 30 ڪيو ويو آهي ج??هن ته ٻين سهولتن ۾ به اضافو ڪيو پيو وڃي.