اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته قوم شهداءِ پوليس ڏ??اڙ?? جي موقعي تي پوليس جي بهادر شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ ??نه?? فرزندن تي ا??ان کي فخر آهي. هن چيو ت?? ڏوهاري ۽ سماج دشمن عنصرن جي خلاف برسرپيڪار ??نه?? بهادرن کي ا??ان جو سلام آهي.