اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت ان??اف ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت جي سهولتن بابت عوامي رد??مل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته عوام پاران صحت ان??اف ڪارڊ جي حوالي سان ان??هائي حوصلي جوڳو رد??مل سامهون آيو آهي. صحت ان??اف ڪارڊ جي ڪري مستحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت جي حوالي خان خاطرخواهه رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي مثبت رد??مل تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته صحت ان??اف ڪارڊ ذريع?? معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.