اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڀارت ۾ 2014ع ۾ وزيراعظم ن??ين??ر مودي جي قيادت ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان هيستائين مس??ما??ن لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، مودي جو نظريو نسلي ۽ مذهبي نفرت جي مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ڀارتي وزيراعظم جي هندوتوا ۽ فاشزم تي ٻڌل نظريا امن لاءِ خطرو آهن، ڀارتي وزيراعظم کي سمجهڻ گهرجي ته ڀارت ۾ اقليتون مذهبي نفرت کان تحفظ ۽ مذهبي آزادي جو برابر حق رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت ۾ اسلا??و فوبيه جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ن??ين??ر مودي فاشسٽ آر ايس ايس جي تربيت يافته هو جيڪو نسلي برتري جي نظريي تي يقين رکي ٿو ۽ هن مس??ما??ن ۾ خوف پکيڙي پنهنجو ووٽ بئنڪ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو، هن چيو ته اسلا??و فوبيا جو تصور هڪ مشڪل حقيقت رهيو آهي تنهن هوندي به تازو ئي ڀارتي وزيراعظم ن??ين??ر مودي ان کي هڪ هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيو آ??ي جيڪو ان جي سياسي تسلسل جو آئنيدار آهي، 2014ع ۽ 2019ع ۾ چونڊن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي جيتوڻيڪ هو 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ اڻ ڳڻين مس??ما??ن جي وحشياڻي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو، ان مان واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت نام نهاد سيڪيولر رياست مان صرف هندو ملڪ بڻجڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، هن چيو ته مودي کي اسلا??و فوبيه بابت پنهنجي ناپاڪ ارادن تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ کيس عالمي امن کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي.