اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوا??ي سان پنهنجي پيغا?? ۾ ??يو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ت??قي تي سياحت جي اثرن جي حوا??ي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺ??ڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.