اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عورتون معاشري جو اهم جز آهن انهن جي حقن ۾ بهتري کانسواءِ معاشرو اڳتي نه ٿ?? وڌي سگهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وومين پارليامينٽري ڪاڪس ۽ يو اين ووم??ن جي حصيداري سان عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ 16 ڏينهن واري سرگرم??ن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.