اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته اسان جي زبان ئي سڃاڻپ آهي، جديد دنيا ۾ ڪيتريون ئي زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن، زبانن جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن“ جي موضوع تي چار ڏينهن انٽرنيشنل ٽريننگ ور??شاپ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زبان مختلف ثقافتن ۽ معاشرن کي گڏ ڪن ٿيون، زبان جي ڊاڪيومينٽيشن جهڙي اهم موضوع تي تربيتي ور??شاپ منعقد ڪرڻ خوش آئنده عمل آهي. هي اهو موضوع آهي، جيڪو اسان جي ثقافت ۽ عام روزمره جي زندگي ۾ بلڪل گم ٿي وي?? آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ اٽڪل 80 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان 26 زبانون خاتمي طرف وڌي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جا ابا ڏاڏا زبانن جي اهميت کان چ??ي ريت واقف هئا پر موجوده دور ۾ اسان جا ٻار انهن زبانن ۽ ڪلچر کان اڻواقف آهن. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر زبان اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪن ٿيون، ان کي پاڪس??ان ۾ فروغ ملڻ گهرجي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو هي ور??شاپ هڪ اهڙي باب جي شروعات آهي جيڪو زبان، ڪلچر، تاريخ ۽ معاشري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته زبان نه رڳو معاشري، ثقافت ۽ تاريخ کي پنهنجي اندر سموئي وٺي ٿي پر ان سان هڪ اهڙو سماجي تعلق جنم وٺي ٿو جيڪو قومن جي سڃاڻپ جو سبب بڻجند?? آهي. هن چيو ته حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي لينگئيسٽڪ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ به 6 عالمي زبانون ڳالهائي ٿو، ان کي زبان جي اهميت جو چ??ي ريت انداز?? آهي. هن چيو ته زبان سماجي تعلق ۽ رابطي کي موثر بڻائي ٿي، اها هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا مختلف ثقافتن کي سگهه ڏي ٿي. هن چيو ته زبانن کي محفوظ ڪرڻ ۾ قومن جي بقاءَ آهي، ان سان اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي نصاب ۾ انهن سڀني شين جي کوٽ آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل ۽ ٻارن کي زبانن جي اهميت کان روشناس ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي زبان سان پنهنجي ٻارن جي تعلق کي وڌائڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت سنگل نصاب جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهي آهي، ان تي اسان موثر طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انهن قدمن کي اسان نصاب ۾ شامل ڪري سگهون ٿا. ان سان ٻارن کي زبانن بابت معلومات ملندي. هن چيو ته پي ٽي وي جي اسڪرين ۽ ريڊيو پاڪس??ان جي آواز ۾ به اوپن يونيورسٽي جي انهن قدمن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اوپن يونيورسٽي جو هي قدم نه رڳو زبانن جي ڊاڪيومينٽيشن آهي پر اهو هڪ ڪلچر، تاريخ، ورثو ۽ قومي تشخص جي ڊاڪيومينٽيشن ان ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي به شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ۾ هن وقت ان انيشيٽو کي آساني سان شامل ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان صوبن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شروع ڪرائي سگهجي ٿو. ان تي مقابلا به ڪرائي سگهجن ٿا. هن چيو ته اسان مختلف ذريعا استعمال ڪري ان کي قومي انيشيٽو ٺاهي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 26 زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن. خدانخواسته مستقبل ۾ ان جي انگ ۾ اضافو ٿي وڃي ان لاءِ اسان کي هنيئر کان ئي پنهنجي زبانن کي محفوظ بڻائڻو پوندو، انهي سان اسان جي ڪلچر ۽ سڃاڻپ کي سگهه ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ترقي جي لاءِ زبانن جو تحفظ ضروري آهي. اسان جي زبان ئي اسان جي سڃاڻپ آهي. قوم جي حيثيت سان اسان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي. اسان سڀني جو فرض آهي ته نوجوان نسل تائين ان پيغام کي پهچايون. واضح رهي ته چئن ڏينهن و??ري ورڪشاپ جو انعقاد علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي سينٽر فار لينگئيجز اينڊ ٽرانسليشن اسٽڊيز اينڊ او آر آءِ سي يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا ۽ انگلشرز ايل ايل ايل انٽرنيشنل ترڪيءَ جي تعاون سان ڪي?? آهي. اهو ور??شاپ 27 جون تائين ج??ري رهندو. ور??شاپ ۾ يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا سان ڊائريڪٽر ور??شاپ پروفيسر ڊاڪٽر صدف منشي، ايرڪ انگلير، اورنگزيب ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان جوناٿن پيرامور شرڪت ڪ??ي رهيا آهن.