اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف چ??و آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي، متاثرن جي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيان آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏ??و آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسين جيستائي?? متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪي??رن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏي?? جو اسان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير، صوبائي انتظاميا، اين ڊي ايم اي ۽ فوج جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪيان ٿو.