اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪ?? جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادار?? جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادار?? جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانس??ان?? بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائق?? جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ تر??يه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادار?? جي نمائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصو??اب??دي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادار?? جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪ?? جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادار?? جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.