اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وف??قي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪ??نگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪ??ي رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وف??قي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪ??ي اسان هيلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جا??ين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.