اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن ??ي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اثرن جي حوالي سان م??تصر دستاويزي پروگرام ڏيکاريو ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، ??تاثر علائقن ۾ 90 سيڪڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ??وڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بيواهن ۽ ٻارن کي مشڪلا??ون درپيش آهن، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ٻوڏ کان م??اثر عور??ون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي ضرورت آهي.