اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن ??ي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا ??ي هڪ، نيپال ??ي هڪ، عمان جون 8، روس ??ي هڪ، يونان ??ي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهت?? آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽر??ن ذريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪلي?? آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪلي?? آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽر??ن ذريعي امدادي سامان موڪلي?? آهي. تاجڪستان 87 ٽر??ن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موڪلي?? آه??. ع??ان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهت?? آهي.