اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ مضبوط معاشري ۽ صحتمند ملڪ جي تعمير لاءِ سمورن شهرين کي هڪ جهڙي بنا ڪنهن فرق جي معيار?? صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايڊز جي متاثرين جي ل??ءِ ٽيسٽ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي ل??ءِ پنهنجي ح??ايت کي ورجائي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسان قومي ۽ صوبائي سطح تي ايڇ آءِ وي تي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ ڊيٽا تي ٻڌل حل جي ح??ايت، تحقيق ۽ علاج تائين پهچ کي وڌائڻ، معاشري جي ڪمزور طبقي کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ايڇ آئي وي جي بيمارين ۽ ان جي متاثرين سان واڳيل بدنامي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي ل??ءِ ڀرپور قدم کڻنداسين. هن ??يو ته اسان يو اين ايڊز، غيرسرڪاري تنظيمن، نجي شعبي ۽ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کي منهن ??يڻ جي ل??ءِ نوان طريقا ڳولڻ جي ل??ءِ ڪوششون جاري رکنداسين. اها هڪ قابل علاج بيماري آهي، جيڪا ڪمزور ڪميونٽيز کي متاثر ڪري رهي آهي. صدر چيو ته اسان انهن ماڻهن جي ل??ءِ به دعاڳو آهيون، جن ايڊز جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃايون ۽ ڏکويل خاندانن جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪريون ٿا جن ان موذي بيماري جي ڪري پنهنجي پيارن کي وڃايو آهي. صدر عارف علوي ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ح??ايت کي ورجائيندي چيو ته ايڊز جي متاثرين کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته اسان نئين انفيڪشن کي روڪڻ جي مقصد سان گڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر سطح تي ڪم ڪندا رهنداسين، جيڪي ماڻهو ان ۾ مبتلا آهن، انهن جو علاج انهن ??ي بدنام ڪرڻ کانسواءِ احتياط ۽ جذبي سان ڪنداسين ته جيئن ملڪ مان ايڊز جو صفايو اهڙي طرح ڪري سگهجي جيئن ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي. صدر سڀني ل??ڳاپيل ڌرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته اهي ان بيماري کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي عزم کي ورجائين ته جيئن عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن کي مشاورت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن بيماري کي مڪمل طور تي روڪي قيمتي جانين کي بچائڻ جي ل??ءِ شروعاتي مرحلي ۾ ان جي تشخيص ڪئي وڃي.