اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارتن جي صدر م??مد بن زايد آل نهيان کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ۽ پاڪستاني عوام پاران صدر م??مد بن زايد آل نهيان ۽ گڏيل عرب اماراتن جي پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿ??. و??يراعظم چيو ته اهو ڏينهن اسان کي گڏيل عرب امارات جي بانين جي متحرڪ ۽ سگهاري وزن جي ياد ڏياري ٿو، جن اتحاد جي ذريعي هڪ عظيم قو?? جو بنياد رکيو.