اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ت??قي?? سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ا??بال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ا??ف آر سي سي) جو ??جلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ا??ف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جي سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مختصر ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن بابت ورڪنگ پلانگ جو ??ائزو ورتو ويو. ميمبر پلاننگ ڊويزن قدرتي آفتن کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي حڪمت عملي جي پاليسي تي بريفنگ ڏني. فورم بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ موسمياتي لچڪدار حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين احسن ا??بال 2022ع جي ٻوڏ دوران سمورن لاڳاپيل ادارن، صوبن، امدادي تنظيمن ۽ عالمي ڊونر ايجنسين جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير احسن ا??بال چيو ته ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ قدرتي آفتن سميت موسمياتي تبديلي جي ??مڪ??ني اثرن کان بچڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکيو وڃي، صوبا بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي ورڪنگ پلان تي پنهنجي تجويزن کان جلد کان جلد آگاهه ڪن، ڄاڻايل منصوبن ۾ صحت ۽ تعليم جي انفرااسٽرڪچر ڪميونٽي بيسڊ بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي اربنائزيشن جي اهم چئلينجز پڻ سامهون آهن، وڏن شهرن تي آبادي جو ??ٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ نوان شهر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اين ا??ف آر سي سي چيو ته قدرتي آفتن کان بچاءُ جا اهڙا منصوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ متاثرن کي انهن گهرن جي ويجهو رکي سگهجي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن کي قدرتي آفتن کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن.