اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي 2 خط لکيا آهن جن ۾ ارشد ش??يف جي قتل ۽ عمران خان تي حملي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئ?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته انهن افسوسناڪ واقعن کي ڪوڙا الزام هڻڻ، ان??شا?? پکيڙڻ ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ سچائي جو تعين ٿيڻ ڏنو وڃي.