اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صد?? رجب طيب اردوان جي دعوت تي جمعي جي صبح اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صد?? رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏئي و?? ۽ ??ڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب به ڪندا. پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ??ريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان به ملاقات ڪندو.