اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پي??ل ٺاهڻ جي لاءِ پاليسي ک?? ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏني وڃي، سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو وڃي. اها هدايت هن ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وز??راعظم تنبيهه ڪئي ته 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته توانائي جي بچت هڪ قومي فرض آهي ۽ اسان کي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ رڳو اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، حڪومت ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي بچت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي سولر آئيزيشن منصوبي تي عملدرآ۾د تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته شروعاتي مرحلي ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن ۾ مجموعي طور تي 1000 ميگاواٽ جا سولر پي??ل لڳايا ويندا. ان حوالي سان پهرين مرحلي جي بڊنگ جو عمل ايندڙ هفتي شروع ٿي ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پي??لز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي سازي جو عمل به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ سولر پي??لز جي پيداوار سان واڳيل صنعتن سان پڻ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان جي پيداوار کي ملڪ ۾ وڌائڻ جي لاءِ پڻ صنعتن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن کي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي سمورين صنعتن کي ان تي منتقل ڪيو وڃي جنهن تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گئس جي بچت جي لاءِ نه رڳو سمورن نئين گيس گيزرز جي پيداوار ڪونيڪل بيفلز سان ڪئي ويندي پر موجوده گيزرز ۾ پڻ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي انهن جي تنصيب يقيني بڻائي ويندي. وڌيڪ بجلي جي ک??ت وارن فلامنٽ/ غيرمعياري پراڻي برقي بلبن جي پيداوار جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته موجوده اسٽاڪ جي ک??ت کانپوءِ انهن جي پيداوار جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي ۽ موجوده ڪارخانن کي گهٽ بجلي جي ک??ت واري نئين ٽيڪنالاجي جا بلب ٺاهڻ تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي ک??ت وارن پنکن جي ڪارخانن کي پڻ جلد نئين ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويندو ۽ صارفين وٽ موجوده پنکن کي پڻ تب??يل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وز??راعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، دفاع واري وز??ر خواجه محمد آصف، خرم دستگير خان، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونن محمد جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.