اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي مح??سب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي ??مل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ لائيف پاليسي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي ??مل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي غيرضروري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن سان رياست ۽ شڪايت ڪندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي مح??سب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چيو ته پاليسي هولڊرز کي پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طب?? طور تي صحتمند قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چار مختلف پاليسي هولڊرز مجموع?? طور تي 19.5 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان جي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پاليسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي مح??سب سان رابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف مح??سب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.