جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کا??پوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پاڪستان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو گهڻو علائقو اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کا?? متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم اڃا جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان م هر 7 مان هڪ شخص ٻوڏ کا?? متاثر ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ک?? ڀليڪار ??ون??ي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿڳورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ عالمي دنيا پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿي آهي، آئنده قدرتي آفتن کا?? ??چڻ جي لاءِ پاڪستان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. ان کا?? اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کا??پوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کا??سواءِ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ عاليم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو.