اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار ضمير نفيس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضمير نفيس جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. مرحوم جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وف??قي وزير مرحوم جي پٽ سيد فواد ڪاظمي سان به تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ ا??لي?? مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.