پشاور – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? 30 جنوري تي پوليس لائينز جي م??جد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن جي لاءِ 20 لک رپيا ۽ زخمين جي لا??ِ 5 لک رپين جو اعلان ڪيو آهي. گورنر هائوس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته معاوضي جي رقم ان ڏک جو مداوو نه آهي جنهن مان متاثرين جا گهروارا گذري رهيا آهن پر اها وفاقي حڪومت پاران ڏکويل خاندان ۽ زخمين جي م??لي م??ڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم سميت سول ۽ ملٽري آرمڊ فورسز، سول سوسائٽي، عوام ۽ سرڪاري آفيسرن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن.