اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستاني قوم اڄ سڄي دني?? ۾ ??وم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پي??ام سڄي دني?? ۾ ??هچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته پاڪستان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ ??هي. ڪشميرين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري ??دو??هد کي دٻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪشميرين جي آزادي واري ??دو??هد ۾ ح??ايت ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عالمي برادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشميرين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.