اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاور?? جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع ت?? ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چون??ن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪم??شن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪم??شن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪم??شن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئ??ن جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع ت?? پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاور?? جي لاءِ هنگامي ملاقا?? جي لاءِ گهرايان ٿو.