اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، پاڪستاني ريسڪيو ٽيم ترڪ ڀينرن ڀائرن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي مسلمانن جا لاڳاپا صديون پراڻا آ??ن، پاڪستان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀينرن ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رکندو، معآشي مشڪلاتن جي باوجود ڀائر ملڪن ??ان تعاون جاري رکنداسين، پورو پاڪستان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀائرن ??ان گڏ آهي، پاڪستان پاران ٻڌي ۽ قرباني جو پيغام پوري دنيا ۾ ويو آهي. ترڪيه ۽ شام ۾ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ريسڪيو ٽيمن جهڙي طرح ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ان تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهن جي ٿورائتي آهي، ان ??ان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيو ۽ ترڪيه جي ڀينرن ڀائرن جي دل ۾ پاڪستان جو احترام وڌيڪ وڌي ويو، اهي انهن خدمتن کي دير تائين ياد رکندا. هن چيو ته مون ترڪيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ٽيم کي دل ??ان ڪم ڪندي ڏٺو، انهن سڀني جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي هتي گهرايو آهي، انهن پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي جي لڄ رکي جڏهن ته انهن جي ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر عوام اڄ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته انهن وٽ وسيلن جي کوٽ يا امداد نه آهي پر اهي انساني ۽ اسلامي رشتي جي ناطي ٻڌي ۽ محبت جي بنياد تي ا??ان طرف ڏسي رهيا آ??ن، انهن کي اميد آهي ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ آهي جيڪو هڪ جان ٻه دل آهي ۽ جن جي دوستي صدين تي ٻڌل آهي. هن امدادي ٽيم جي ميمبرن کي پوري قوم جو هيرو قرار ??يندي چيو ته پاڪستان حڪومت ترڪيه جي متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ته پاڪستان کي مشڪلاتون به درپيش آهن پر پنهنجي ڀائرن کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت هن وقت ڪفايت شعاري جي پاليسي تي عمل پيرا آ??ي پر ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ مهمان ان کان آجا آ??ن. وزيراعظم چيو ته هيستائين تمام گهڻو سامان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليو ويو آهي، ان ۾ اين ڊي ايم اي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، هن شاندار ??م ڪيو، خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ٽيم پاڪ فضائيه جا ٿورا مڃون ٿا، انهن وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڪ بحريه جو جهاز امدادي سامان کڻي ترڪيه روانو ٿيو آهي، ترڪيه هڪ جهاز موڪليو هو جنهن تي 80 ٽن سامان موڪليو، 50 هزار سرديءَ جي موسم جا خيما تيار ??رڻ جو آرڊر ڏنو آهي، ان جي قيمت جو تعين ٿي ويو آهي، ترڪيه ۽ شام ۾ شديد سرديءَ آهي ان لاءِ اهي خيما اتي موڪلڻ ضروري آهي، اهي خيما باهه پروف آهن جيڪي هوائي جهاز ذريعي ترڪيه موڪليا ويندا، ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيزي ??ان جاري آهي. هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي واري وفاقي وزير تمام گهڻي معاونت ڪئي آهي، ڪابينا ۽ پارلي??مي??ٽ ميمبرن هڪ مهيني جي پگهار زلزلي متاثرين کي عطيو ڪئي آهي، ناڻي واري وزير پنهنجي کيسي مان 2 ڪروڙ رپين جو عطيو ڏنو، تعليم واري وزير 6 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو، گريڊ 18 کان مٿي جي آفيسرن ٽن ڏينهن جي پگهار ??ني آهي، پنجاب صوبي امدادي سامان ۽ چيڪ به ڏنا آ??ن، چئني صوبن مان امداد ڏني پئي وڃي، ان ??ان ايثار، قرباني، اخوت، ڀائيچاري جو پيغام دنيا ۾ ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ ادارا متاثرين ??ان گڏ آهن، آرمي چيف زلزلي جي فوري پوءِ پنهنجي ٽيم موڪلي، ريسڪيو 1122 جي ٽيم اتي وئي آهي. هن چيو ته قوم کي توهان جي ڪوششن کان آگاهي جي لاءِ هي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. هن پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفيرن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سمورن ادارن پاران متاثرين جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ترڪيه ۽ شام جي سفيرن به اين ڊي ايم اي کي ساراهيو آهي، انهن سمورن ريسڪيو جي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري انهن جي تربيت وقت جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته پاڪستان جي اربن ريسرچ ۽ ريسڪيو ٽيم ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ بهترين ڪم ڪيو جنهن کي عالمي ادارن ۽ ٻنهي متاثر ملڪن خراج تحسين پيش ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن ۾ مشڪل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ڪيون، متاثرين کي ريسڪيو ڪيو، ان ??ان پاڪستان جي ٻنهي ملڪن ۾ عزت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته زلزلي جي فوري پوءِ 6 في??روري جي رات ۽ 7 في??روري جي صبح ٻه ٽيمون ترڪيه پهتيون، ريسڪيو دوران مسلسل 110 ڪلاڪ ملبي مان ماڻهن کي ڪڍيو، اتان جي عوام پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ امدادي ادارن جا ٿورائتا آ??ن. هن چيو ته ريسڪيو ٽيمن کي بهتر طور تي ٺوس ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڏينداسين. ڊاڪٽر رضوان نصير چيو ته تاجڪستان جي ٽيم ا??ان وٽ ٽريننگ جي لاءِ آئي، ترڪيه ۾ تباهي ۾ پورا پورا شهر خالي ٿيا، ٽيم 15 ماڻهن کي زندهه ڪڍيو، لاش ڪڍيا، 150 عمارتن ۾ 250 لاشن جي نشاندهي ڪئي. شروع ۾ ا??ان خيما ۽ ٻيو سامان ڏنو ته اهي ا??ان جو جهنڊو چمندا رهيا، وزيراعظم جي وقت سر في??لي ??ان اهو ممڪن ٿيو .ڊاڪٽر في?? الله خان چيو ته پمز پاران ٽيم متاثرين کي طبي سهولتون ڏنيون. ان موقعي تي ريسڪيو ٽيمن جي اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.