پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون ا??ل ثمينه عارف علوي صوابي ۾ ر??شد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان تعليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته ر??شد ميموريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن ??ائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي به??ر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان گڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. هن چيو ته ر??شد ميموريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون به??ر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها ر??شد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. هن چيو ته اسان کي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به ترقي ڪريون ۽ اسان جو ملڪ به ترقي جون منزلون طئي ڪري.