اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ٿرپا??ڪر سنڌ جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران تاريخي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپا??ڪر ۾ 1320 م??گاواٽ شن??ها??ي ا??يڪٽرڪ ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا پاورت پلانٽ منصوبن جو افتتاح ڪندو. ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ انهن منصوبن سان ساليانو 11.24 ارب رپيا گهٽ لاڳت بجلي جا يونٽ پيدا ٿيندا. 3.53 ارب ڊالر جي مجموعي سڌوسنئون سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ انهن منصوبن جي ا??تتاح سان ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي موجوده پيداوار وڌائي 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. گذريل چئن سالن ۾ انهن منصوبن کي تعطل جو شڪار رکيو و??و. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ا??هن منصوبن جي پڄاڻي کي ا??لين ترجيح بڻايو و??و. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو.