اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻ?? تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس ده??تگ??دي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻ?? تي ده??تگ??دن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. ده??تگ??دي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وزيراعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.