اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد س??ن گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??يو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم ??يو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد س??ن سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب اماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪو??تي تعاو?? فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.