اسلام آباد – 04 – مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ??ميس ڏينهن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فو?? سيڪيورٽي، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم روس سان تعاون ۽ هم آهنگي جا نوان موقعا کوليا آهن.