اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمان ملڪن کي مختلف شعبن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آهي جنهن مان مسلمان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو ??ڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر ايم اقبال چوڌري وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. صدر وفد جي ??جيان ڪندي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي ??لاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته علم جي ??ستيابي ۽ جمهوريت وڌ??ڪ موقعا فراهم ڪيا آهن جنهن مان مسلمان ملڪن کي ڀرپور فائدو ??ڻڻ گهرجي. صدر م??نوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز مان فائدو ??ڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبن ۾ مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جا حل ڳولڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌ??ڪ چيو ته ڪامسٽيڪ جي ??ائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفد صدر کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ پاران کنيل قدمن ??ان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ??عبن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني وڌ?? ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن سان گڏوگڏ ڪامسٽيڪ پاران ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن ??ي ساراهيو.