پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ??وهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??سرندڙ ملڪن کي وسيلن ج?? عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين ج?? بار ۽ منجمند ترقي ??ا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن ج?? مدد وقت جي ضرورت آهي ته ??يئن اتان ج?? عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين ج?? تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن ج?? شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ??رڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.