اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران ان??ن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ ان??ن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪ??و. ??در شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪ??و. ??در 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حي??ر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ ان??ن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.