ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي عل??ئق?? ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي تائين پاڪ ??يوي جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان ع??اوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي عل??ئق?? مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪي?? مهاڻن کي پاڪ ??يوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ ??يوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن ع????ئق?? ۾ گشت ڪيو.