اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ت?? اعظم خان ??ائفر سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ، ذاتي تحويل ۾ رکڻ تي رياست جي مدعيت ۾ فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ شاهه محمود قريشي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، سڀ کان پهريان ڳجهو دستاويز ان ??خص جي قبضي مان هٿ ڪيو ويندو، ملڪ کي ڪنهن حادثي جو شڪار ڪندڙ جٿو پاڻ حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اعظم خان ??ق 164 ۽ شق 161 تحت پنهنجو تفصيلي بيان مئجسٽريٽ آڏو رڪارڊ ڪرايو آهي. سائفر معاملي ۾ لاڳاپيل سفير، پرڏيهي سيڪريٽري جي شامل هجڻ جون شاهديون ناهن مليون. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته فتني خان ??ي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ??و اقبالي بيان ??امهون آيو آهي، اهو بيان فتني خلاف فردِ جرم آهي، ان ??يان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اصل مير جعفر ڪير هو، ان ??خص ذاتي مفادن خاطر ملڪ جي مفادن کي داءُ تي لڳايو ۽ ملڪ جي ادارن خلاف سازش ڪئي. هن شخص ملڪي مفادن کي مجروح ڪندي ملڪي معيشت کي برباد ڪيو ته ٻئي پاسي پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، پنهنجي سياسي مفادن لاءِ راند کيڏي ۽ سائفر جي بنياد تي ڊرامو رچايو، اهڙو ڏوهه ڪيو جنهن جي سزا هر قيمت تي ٺهي ٿي. هن چيو ت?? اعظم خان ??و بيان ??امهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اڳ ليڪ ٿيڻ آڊيو ۾ پيش ٿيل مؤقف جي به تائيد آهي. هن چيو ته ان ??يان کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته ان معاملي ۾ فتني خان ??ان ??اهه محمود قريشي به برابر جو شريڪ آهي. هڪ سازش تحت پاڪستان ۽ ملڪي ادارن خلاف نفرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ت?? اعظم خان ??ي بيان مان ??هو به ثابت ٿي چڪو آهي ته ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ ڏوهه آهي ته ٻئي پاسي ان ??ستاويز کي ان وقت جي مخالف ڌُر خلا?? است??ما?? ڪرڻ به ثابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڳجها دستاويز عام ڪرڻ تي اڳوڻي آمريڪي صدر کي به سزا ملي آهي. فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ کي به سزا ملندي. هن چيو ته 9 مئي به انهي سائفر جو ت??لس?? آهي، دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ملڪ جي عزت، مال ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪري پاڪستان ۽ دفاعي ادارن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. ان ??ٿي ۽ ٽولي جي هڪ ئي سازش هئي ته ڪنهن به طرح ادارن ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو وڃي، جنهن جون واڳون پاڪستان ??ي اندر هجڻ سان گڏوگڏ پرڏيهه سان ??ه ملن ٿيون. ان ??ٿي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيڻ ضروري ٿي چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منظرِعام تي اچڻ يا نه اچڻ اعظم خان ??و پنهنجو فيصلو آهي، اسان ??ي ڄاڻ مطابق اعظم خان پنهنجي گهر ۾ موجود آهي. هن چيو ته هاڻي تائين سامهون آيل ڄاڻ مطابق اعظم خان ??ائفر سازش ۾ ملوث نه هو پر پرنسپل سيڪريٽري طور مجبور هو، ان ??لطيءَ تي هن افسوس پڻ ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته رياست ۽ ادارن پنهنجي سهولت مطابق فتني خان ??ي گرفتاريءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي. هن شخص خلاف جاچ ٿي رهي آهي، ٺوس شاهديون به موجود آهن. پراسيڪيوشن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته فتني خان کي گرفتار ڪيو وڃي يا عدالت مان ڏوهاري قرار ڏجي، 9 مئي معاملن ۽ سائفر سازش کي قانون ۽ آئين مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته فتني خان ??لاف ڪيترائي ثابت ٿيل ڪيس آهن، آخرڪار هن شخص کي پنهنجي ڪيل ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رياست جي مدعيت ۾ سيڪريٽ آفيشل ايڪٽ جي خلاف ورزيءَ تي ڪيس خاص عدالت ۾ هلندو. هن چيو ته عام چونڊ جو شيڊول ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جڏهن نگران ??ڪومت قائم ٿيندي ته اليڪشن ڪميشن ان ??و فيصلو ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف نگران ??يٽ اپ لاءِ مشاورت ڪري رهيو آهي، جلد اهو عمل مڪمل ٿي ويندو.