اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري ??يا?? ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد آهي ته اهي نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. ??يا?? موجب اهڙي قسم جي ڪڌين ڪاررواين جو مقصد سڄي دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي ??يا?? ۾ وڌيڪ چيو ته اهي ڪارروايون ڪنهن به تعريف موجب ا??ها?? جي آزادي نه ا??ها?? جي راءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهبي نفرت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي ??يا?? ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن ??اري هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. ??يا?? ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه کي برقرار رکيو آهي ته ا??ها?? راءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي آهي اها قومي حڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اسلامو فوبيا ۽ مذهبي نفرت جي ڪڌن ڪمن جو آواز، مذمت ۽ فعال ط??ر تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن ??اري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آهي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهبي نفرت جي اهڙين ڪاررواين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ??يا?? موجب عالمي برادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ??يا?? موجب پاڪستان پنهنجي پاران عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم نقطو هو. ??يا?? موجب جده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن ??اري ڪائونسل ۾ اسلامو فوبيا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪاررواين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.