اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ وفاقي وزير مريم اورنگزيب 14 سالن جي گهريلو ملازمه ر??وانه تي تشدد جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رضوانه کي انصاف ڏيڻ بدران جوابدارن کي ضمانتون مل?? افسوسناڪ ۽ فڪر جو لمحو آهي، مظلوم نياڻي کي آخرڪار انصاف ڏنو وڃي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير سيد محسن نقوي کي واقعي جو نوٽيس وٺي رضوانه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي، مظلوم نياڻي رضوانه کي انصاف ڏيارينداسين. هن چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملي. هن چيو ته ڪو به معاشرو اهڙو ظلم ڪندڙ ڌر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. رضوانه کي ان حال ۾ پهچائيندڙن کي قانون موجب سخت سزا مل?? گهرجي. هن چيو ته واقعو ٻارن سان پورهيو وٺڻ ۽ انهن سان وحشياڻي سلوڪ جي انتهائي قابل شرم ۽ قابل مذمت مثال آهي، و??اقي وزير قوم کي رضوانه جي جلد صحتيابي جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ر??وانه کي جسماني ۽ ذهني صدمو پهتو ان جي ازالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن ٻارڙي کي انصاف ڏيڻ عدليه جي ساک لاءِ تمام وڏو امتحان آهي.