اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته ??سا?? پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻارن کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار ??ن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ??يو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف ??هي??ن ۽ ان يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن ??هي??ن. هن عالمي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به ??سا?? وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي ??سا?? کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.