ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن ج?? دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ، بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان ڊومڪي، گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي استقبال ڪيو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري بلوچستان ??ڪي?? قادر خان ۽ آءِ جي پوليس بلوچستان عبدالخالق شيخ پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم پنهنج?? دور?? دوران بلوچستان صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي موجوده ص??رت??ال جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. هو بلوچستان نگران صوبائي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو.