بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ خيرسگال?? جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪز عنصر قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ڪميونسٽ پارٽ?? جي مرڪزي ڪميٽ?? جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وزير ليو جيان چائو م??اق??ت ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻن تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چين جي ڪميونسٽ پارٽ?? جي پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چين جي ترقي ۾ ڪميونسٽ پارٽ?? جي اهم ڪردار کي به ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگال?? جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪزي عنصر آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ليو جيان چائو عوام، قا??ون??از اسيمبلين، سياسي پارٽين، اسڪالرز، ميڊيا، نوجوانن، عورتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اهي رابطا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نسل در نسل دوست?? جي فروغ کي يقيني بڻائيندا. ليو جيان چائو چيو ته نگران وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خصوصي دوست?? جي روايتن جو عڪاس آهي. هن چيني ڪميونسٽ پارٽ?? جي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۾ ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.