اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخا??ي ۾ والاريل ڪشمير تي ??ار?? جي غاصباڻي قبضي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتما?? ڪيو ويو. تقريب ۾ رشين فيڊريشن ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي، روس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ سفارتخا??ي جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري محمد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊاڪٽر جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رتي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رتي قابض فوج جي ظلمن ۽ آزادي جي جدوجهد جي تصويري نمائش جو پڻ اهتما?? ڪيو ويو.