اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صح??في حنيف خالد جي ص??اف??ي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف خالد ص??اف??ي برادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صح??فين جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبي??ڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صح??في حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد ص??اف??ي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس ص??اف??ي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي ش??ند??ر ص??اف??ي سفر آهي. هو صح??فين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبي??ڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت اد?? نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.