اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023?? تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي اصولن سان گڏ بيٺل آهيان، بل تي سينيٽ ج??ڪو به فيصلو ڪندو، ان جو احترام ڪنداسين. سينيٽ ج?? اجلاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023?? پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران حڪومت پاران بل پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. جنهن تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آهي ۽ سڄي زندگي آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ ج??ڪو به فيصلو ڪري ان جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته بل جي تياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ ج?? ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ڏنو ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023?? سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئون حاضر ٿيو آهيان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ ج??ڪو به فيصلو ڪندا آئون ان جو احترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري نوعيت جو معاملو نه آهي ته ان کي چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي ??يو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته قومي اسيمبلي موجود نه آهي، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ جيڪو به فيصلو توهان ڪندا ان جو احترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان معاملي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.