اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪر??ئيندي هدايت ڪئي آهي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان به فوري رابطو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چور?? جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عمل?? جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽ?? جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وزيرا??ظم چيو ته گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪر??ار آهي. هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشر?? جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي زهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چور?? جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عمل?? جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪر??ار اد اڪري سگهي ٿي. نگران وزيرا??ظم اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪر??ئيندي اطلاعات ?? نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان پڻ فوري رابطو ڪيو وڃي. اي پي اين ايس جي وفد ۾ صدر ناز آفرين، سيڪريٽري جنرل سرمد علي، فنانس ??يڪريٽري شهاب زبيري شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.