ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهي??ن جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهي??ن جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪست??ن جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد م??جد جو عظيم پيغام گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي دل جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو، اهو پيغام گڏيل عرب امارات جي باني جي شاندار ميراث کان متاثر آهي. نگران وزيراعظم کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مسجد جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ مسجد جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويهڻ جي گنجائش آهي. شيخ زيد م??جد گڏيل عرب امارات جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مسجد جي دوري دوران پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪست??ن جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.